ڄام نوازعلي (ن پ ا) جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ مري مائينر کي هڪ مهينو اڳ 46 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان پڪو ڪري مڪمل ڪيو ويو آهي جيڪو هنڌان هنڌان ٽٽي ويو آهي. پڇڙي جي آبادگارن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته بااثر ٺيڪيدار پاران شاخ جي پڪي ڪرڻ واري ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪري مبينا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا آهن جنهن جي شڪايت اعلي عملدارن ۽ نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ جي ڊائريڪٽر کي ڪئي جنهن ٺيڪيدار جي خلاف نوٽيس وٺڻ بدران اکيون پوري ڇڏيون آهن. آبادگار پرکو مهر ٻڌايو ته آبپاشي عملي ڳري رشوت عيوض علائقي جي زميندارن جا واٽر ڪورس سرڪاري ماپ کان وڌيڪ غير قانوني ٺاهي ڏنا آهن نڪرندڙ واٽر ڪورسن ۾ فريم به نه لڳايا ويا آهن، بااثر ماڻهن کي شاخ مان غيرقانوني گنديون هڻي ڏنيون آهن. هنن چيو ته مائينر جي پڇڙي جي بيڊ کي مٿي رکيو ويو جنهن سبب پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب اسان سخت پريشان آهيون. هنن اعليٰ عملدارن ۽ نيب کان ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن ڪامورن جي خلاف جاچ جي ڪري مري مائينر جو ڪم ٻيهر ڪرايو وڃي.