ميهڙ (ن پ ا) 11 ڏينهن اڳ ميهڙ_ فريدآباد روڊ سان ڄامشورو اسٽاپ وٽ قتل ٿيل 2 ڄڻن غلام عباس چانڊيو ۽ ذوالفقار عرف ڀٽو ميرجت جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان وارثن حبيب الله ڏيرو، حافظ محمد نواز چانڊيو ،حافظ دلدار چانڊيو، حافظ نواب چانڊيو، مانجهي خان ميرجت ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري دانهيندي چيو ته ايس ايڇ او ميهڙ هن وقت تائين غلام عباس چانڊيو ۽ ذوالفقار عرف مير جت جي قتل ۾ ملوث 6 جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جوابدار گرفتار نه ٿيا ته 18مئي تي ميهڙ ٿاڻي جي آڏو ڌرڻو هڻنداسين.