مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ويجهو ڳوٺ دين محمد ٽانوري ۾ ٽانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهرو معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ خليل، حزب الله، اڪبر، سليم، وسيم، الطاف ۽ اصغر ٽانوري شامل آهن، جن کي ٺل اسپتال منتقل ڪيو ويو. مبارڪپور پوليس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.