ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشوري ۾ گشت دوران جوابدارن تشدد ڪري صوبيدار ۽ اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس داخل، ان ڏس ۾  ڄامشوري ۾  رات دير سان گشت دوران   پوليس جي صوبيدار پيرل سولنگي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل ذوالفقار خاصخيلي کي جوابدارن تشدد جو نشانو بڻائي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار گرفتار ٿي ويا، زخمي اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي اسپتال پهچي زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي ۽ بيان پڻ ورتو، ٻي طرف ايس ايچ او ڄامشورو مظهر نائچ موجب ته  پوليس گشت ڪري رهي هئي ته  جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو، جنھن ۾ اي ايس آءِ پير سولنگي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل ذوالفقار خاصخيلي زخمي ٿي پيا آهن، پوليس ڪارروائي ڪندي منير بروهي کي گرفتار ڪري ڪيس پڻ داخل ڪيو آهي.