ڪنڊيارو (رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڪنڊيارو ويجهو ڦر مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ، 2 سڳا ڀائر مرڻينگ، هڪ اسپتال ۾ دم ڏنو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام، وارثن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، خبر موجب ريگوليٽر موري وٽ نامعلوم هٿياربندن ٻن سڳن ڀائرن کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب 2 سڳا ڀائر حاڪم علي بروهي ۽ علي گوهر بروهي سخت زخمي ٿي پيا، رڙين تي علائقي واسي پهچي ويا، جن زخمي ڀائرن کي ڪنڊيارو اسپتال آندو، جتي هڪ ڀاءُ حاڪم علي بروهي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي زخمي جو علاج جاري آهي، مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو مڙهه گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي، جڏهن ته وارثن مقتول نوجوان جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي.