ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشوري جي  جوڳي ڳوٺ تي شڪارپور جي پوليس اٽالن چڙهائي ڪري ٻن ڄڻن کي کنڀي وئي، انڊس هاءِ وي لڳ جوڳي ڳوٺ تي شڪارپور پوليس ۽ ڄامشوري پوليس جي اٽالن چڙهائي ڪندي انور لولائي ۽ ريحان لولائي کي کنڀي وئي، وارثن موجب ٻئي نوجوان ڪنھن به ڏوهي سرگرمي ۾ ملوث ناهن. پوليس چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي ريحان ۽ انور کي کڻي وئي آهي پوليس ڪارروائي تي انچارج آر بي بي اياز ٻگهيو جو چوڻ هو ته جوابدار انور ۽ ريحان لولائي شڪارپور پوليس کي ڦرون سميت ڪيتريون ئي ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ ڪري گھربل هئا، جنھن تي شڪارپور پوليس ڪارروائي ڪندي ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي.