شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور پوليس شھر جي نئين بستي پاڙي ۾ ڪارروائي ڪري پيرسن خميسو ساند ۽ سندس پٽ جعفر ساند کي گرفتار ڪري مٿن شراب الزام هيٺ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو،  ٻي طرف پوليس ڪارروائي خلاف وارث عورتن ۽ ٻارن ڀٽائي چوڪ تي رڪاوٽون وجهي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين نظيره، وزيره ۽ حميده ساند الزام هڻندي چيو ته  ٿاڻي جي ايس ايچ او پوليس اٽالن سان بنا جواز گهر تي چڙھائي ڪري مزدوري تان آيل پيرسن والد خميسو ساند ۽ ڀائرن جعفر ساند ۽ غلام رسول کي کنڀي ويو آهي، هنن الزام هنيو ته پوليس ڦرلٽ به ڪئي آهي، ايس ايچ او والد ۽ ڀائرن جي آزادي لاءِ 2 لک رشوت گهري    نه ڏيڻ تان پيءُ خميسو ۽ جعفر مٿان شراب جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪيس ختم ڪري گرفتار والد ۽ ڀائرن کي آزاد ڪرايو وڃي.