حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڄامشورو ضلعي ۾ ٽينڪرن جي ھيٺان اچي معصوم ٻارن ۽ شهرين جي فوت ٿيڻ توڙي پيئڻ جو پاڻي فراهم نه ٿيڻ خلاف داخل پٽيشن تي محفوظ ٿيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي کين انٽرنيٽ ذريعي معلومات فراهم ٿي آهي ته هڪ سال دوران ٽئنڪر حادثن ۾ 500 ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا آهن ان لاءِ ايڪسائيز توڙي ٽريفئڪ پوليس اناڙي ۽ سيکڙاٽ ڊرائيورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي. تفصيلي فيصلي ۾ عدالت ڄاڻايو آهي ته پوليس پٽيشنر جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد واقعن جي ذميوار انتظامي عملدارن ۽ ٽينڪر مافيا خلاف ڪيس ڪندي. ڪوٽڙي واسي ايڊووڪيٽ اعجاز حسين جتوئي پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته سال 2020ع ۽ 2021ع دوران ٽئنڪر حادثن ۾ 100 کان مٿي شهري ۽ معصوم ٻار فوت ٿيا پر مقامي پوليس واقعن جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي ڪرائي جنهن لاءِ انهن 19 جنوري 2022ع تي ايڊيشنل سيشن جج ڄامشورو جي عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي هئي جيڪا رد ڪئي وئي ان لاءِ لاڳاپيل عدالت معاملي جو نوٽيس وٺي. 11 نومبر تي درخواست تي ٻڌڻي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل سنگل بئنچ ڪئي هئي جنهن جي جاري فيصلي ۾ عدالت اهو به ڄاڻايو آهي ته پوليس جي ذميواري آھي ته سيڪشن 279 پي پي سي او تحت ايڪشن کڻندي قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙ ڊرائيورن خلاف اثرائتي ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي. صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي به ذميواري آھي ته هو ٽرئفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سندن لائسنس رد ڪري. في الحال ڪنهن کي گرفتار نه ڪيو وڃي. رڳو سندن بيان رڪارڊ ڪيا وڃن.