سکر: ”ڪيئن پرچايان توکي ڪيئن سرچايان، ڪيئن ريجھايان، ڏس ڪو ڏانءُ“ شھيد امر راڳي ڀڳت ڪنور رام يادگار ڪاميٽي چڪ ضلع شڪارپور طرفان ڀڳت ڪنور رام جي 83ھين ورسي رُڪ ريلوي اسٽيشن تي پھرين نومبر شام جو ملھائي ويندي، جنھن ۾ ڀڳت ڪنور رام جي سنڌ ۾ امن امان، ڀائيچاري ۽ برابري جي ڏنل پيغام کي اجاڳر ڪيو ويندو. اِن سان گڏ سنڌ ۾ امن ۽ ترقي لاءِ دعائون گھريون وينديون.