مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، خبر موجب شهر جي کوکر پاڙي ۾ 21 سالن جي ڪوشل ولد مڪيش مهشوري بيروزگاري ۽ غربت سبب پنهنجي گهر اندر ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان ڪافي وقت کان بيروزگار هو، جنهن ڪري هن اهڙو قدم کنيو، پوليس موجب نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي خودڪشي ڪئي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.