ڀيڻ کي قتل ناهي ڪيو، تشدد ڪري لکيل اسڪرپٽ ڏئي زبردستي بيان ورتو ويو: محسن مهر

0
529
ڀيڻ کي قتل ناهي ڪيو، تشدد ڪري لکيل اسڪرپٽ ڏئي زبردستي بيان ورتو ويو: محسن مهر
ڀيڻ کي قتل ناهي ڪيو، تشدد ڪري لکيل اسڪرپٽ ڏئي زبردستي بيان ورتو ويو: محسن مهر

سيوهڻ (رپورٽر) ڀان سيد آباد ويجهو پرائمري ماسترياڻي نورين فاطمه مهر جي مبينا قتل وارو مامري ۾ اڳڀرائي ٿي آهي

ڀان سيد آباد ويجهو مبينا قتل ٿيل نورين فاطمه مهر ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

جوابدار ڌر جي وڪيل پاران  ناري جي ڀاءُ محسن ۽ چاچي جمن خان  مهر کي جيل حوالي ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

عدالت ٻنهي جوابدارن کي  3ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي  پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت پوليس کي ٻنهي  جوابدارن جو مقامي اسپتال مان طبي  معائنو ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو

عدالت ۾ ڳالهائيندي نورين جي ڀاءُ محسن مهر چيو ته مون ڀيڻ کي قتل ناهي ڪيو, پوليس  لڳاتار تشدد ڪري لکيل اسڪرپٽ ڏئي  زبردستي بيان ورتو

نورين فاطمه جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته ايماندار آفيسرن کان صاف  شفاف جاچ ڪرائي وڃي، اسان ڪورٽ  کان انصاف گھرون ٿا

هي به پڙهندا

نورين مهر جي منصور سان موت کان اڳ ڪيل چيٽ سامهون اچي وئي

ليڪچرار صنم سنڌو کي سندس مڙس قتل ڪيو آهي: وارثن جو الزام