اسلام آباد: 33 جوابدار فوجي عملدارن حوالي: 6 ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائي سگهجن ٿا:گهرو وزير

0
220
اسلام آباد: 33 جوابدار فوجي عملدارن حوالي: 6 ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائي سگهجن ٿا:گهرو وزير
اسلام آباد: 33 جوابدار فوجي عملدارن حوالي: 6 ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائي سگهجن ٿا:گهرو وزير

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته دفاعي ايرياز ۾ ويلن جو ٽرائل آرمي ايڪٽ ۽ ٻين جو لاڳاپيل عدالتن ۾ ٽرائل ڪيو ويندو، 9 مئي واقعن جي 499 ايف آءِ آرز مان 6 جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ ٿي سگهي ٿو

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب مان 19 ۽ ڪي پي مان 14 جوابدار ملٽري ڪورٽس حوالي ڪيا ويا آهن، 33 جوابدارن کي فوجي عملدارن حوالي ڪيو ويو آهي

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته سازش تحت پاڪستان جي سياست کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عمران خان هڪ سال کان نفرت ۽ ڏڦيڙ جي سياست ڪري رهيو هو، اُنهي نفرت جي سياست تحت کيس 25 مئي تي به اسلام آباد مٿان حملو ڪرڻو هو

وفاقي گهرو وزير چيو ته عمران خان هڪ فتنو آهي، قوم کيس نه سڃاتو ته وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيندو، اعتراض ڪيو پيو وڃي ته ملٽري ايڪٽ سويلينز تي لاڳو ٿي رهيو آهي

دفاعي ايرياز ۾ ويندڙ، موڪليندڙ ۽ وڃڻ ۾ مدد ڪندڙن تي ملٽري ايڪٽ لڳي ٿو، ڪور ڪمانڊر هائوس، جناح هائوس مان تمام گهڻيون شيون کنيون ويون جيڪي پاڙيسري ملڪ کان استعمال ٿي وڃن ته ڇا اهو سياسي احتجاج هوندو

جڏهن ته پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 146 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا نالا نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جو انگ 226 ٿي ويو آهي

ذريعن موجب پوليس، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي سفارشن بعد نالا نو فلاءِ لسٽ  ۾ شامل ڪيا ويا، سمورن ماڻهن جون لسٽون ايئرپورٽس تي اميگريشن اختيارين کي ڏنيون ويون آهن

هي به پڙهندا

حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: چيف جسٽس