ڀرچونڊي پيرن ۾ پلاٽ جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار جو جرڳو

0
233
ڀرچونڊي پيرن ۾ پلاٽ جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار جو جرڳو
ڀرچونڊي پيرن ۾ پلاٽ جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار جو جرڳو

ڏهرڪي: ڀرچونڊي پيرن وچ ۾ پلاٽ  جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار جو جرڳو ٿيو آهي، جنهن دوران مجموعي طور 11 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي

گادي نشين عبدالخالق ۽ سندس ويڳن ڀائرن وچ ۾ ميان نظر محمد ۽ ٻين جي سربراهي ۾ جرڳو ٿيو

درگاهه جي گادي نشين عبدالخالق مٿان ويڳن  ڀائرن تي پوليس وٺي اچڻ ۽ گهر جي ڀت ڊاهڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو، جنهن بعد  6 لک ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي

ميان اجو ۽ ميان ذوالفقار مٿان عبدالخالق تي فائرنگ جو ڏوهه ثابت ٿيو، جرڳي دوران ڏوهي ڌر مٿان 5 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي

جرڳي دوران فيصلو ڪيو ويو ته ڌرين جي مشيرن طرفان  تڪراري 4 هزار فٽ پلاٽ جي ماپ ڪئي ويندي

واضح رهي ته ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين عبدلخالق جو ويڳن ڀائرن ميان اجو ۽ ميان ذوالفقار سان تڪرار هلندڙ هو