ڪراچي ۾ پوليس چيف جي آفيس کانپوءِ هڪ ٻي اهم آفيس تي دهشتگرد حملي جو خطرو

0
183
ڪراچي ۾ پوليس چيف جي آفيس
ڪراچي ۾ پوليس چيف جي آفيس کانپوءِ هڪ ٻي اهم آفيس تي دهشتگرد حملي جو خطرو

ڪراچي: سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پوليس چيف جي آفيس تي دهشتگرد حملي کانپوءِ هڪ ٻي اهم سرڪاري آفيس تي دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي

حساس ادارن ڪي ايم سي هيڊ آفيس تي دهشتگردي جي خطري سبب اختيارين کي حفاظتي انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته حساس ادارن لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪيو آهي ته دهشتگرد ڪي ايم سي هيڊ  آفيس کي نشانو بڻائي سگهن ٿا، ڪي ايم سي عمارت جي ٻاهر ۽ اندرين رستن جي خاص نگراني ڪئي وڃي

حساس ادارن جي نشاندهي ۽ خط کانپوءِ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي عملدارن لاڳاپيل  ادارن کان سڪيورٽي فراهمي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ پوليس چيف جي آفيس تي دهشتگردن حملو ڪيو هو، جنهن بعد سرڪاري عمارتن جي سيڪيورٽي پڻ وڌائي وئي هئي

هن کي به پڙهندا

ڌاڙيلن خلاف فوج ۽ رينجرز جي مدد سان آپريشن جو فيصلو، سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي