ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀريا سٽي ۽ آسپاس ڦهليل گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، 6 مھينن  جو ٻارڙو فوت، ڏيڍ مھيني دوران فوتين جو تعداد 5 ٿي ويو، خبر موجب شهر جي وارڊ نمبر 3 ۾ 6 مھينن جو رضا حيدر پٽ پرويز ڪلھوڙو گيسٽرو وگهي نوشھروفيروز جي خانگي اسپتال ۾ فوت  ٿي ويو، ٻالڪ جي والد پرويز ڪلھوڙو ٻڌايو ته سندس پٽ کي گيسٽرو سبب نوشھروفيروز جي خانگي اسپتال داخل ڪيو جتي ھو فوت ٿي ويو، ٻالڪ جي فوت ٿيڻ بعد گيسٽرو وگهي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آھي، هوڏانهن شهر جي مختلف علائقن ۾ گيسٽرو ۾ متلا 5 ٻارڙن شھنيلا ڪلھوڙو، رومانه، آسيه، شبير ۽ شاھد ڪلھوڙو کي اسپتال آندو ويو، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته صحت کاتي جون ٽيمون موڪلي گيسٽرو تي ضابطو آندو وڃي،