ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف بنيادي صحت مرڪز ۾  ويم لاءِ آندل عورت ايمبولنس نه ملڻ ڪري  تڙپي تڙپي رات گذاري صبح ڪيو. ويجهي شهر جهڏو جي اسپتال ۾ پهچڻ لاءِ  ايمبولينس نه ملڻ خلاف وارثن احتجاج  ڪيو. وارثن رميش فوٽو راڻو، اڳوڻي  ضلعي ڪائونسل جو ميمبر لطف علي ملڪاڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسپتال تي موجود ايمبولينس جو ڊرائيور  ملڪاڻي شريف جو رهواسي نه آھي، ان ڪري وقت سر ڊيوٽي نٿو ڪري، ان ڪري رات جي وقت ايمبولينس ڪنهن به مريض جي ڪم نٿي اچي. هنن ڊي ايچ او بدين ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.