ڀرياسٽي (ن پ ا ) ڀرياسٽي جي ڪلھوڙا ڪالوني ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن 20 سالن جو پورھيت نوجوان ارشد پٽ آدم ڪلھوڙو  کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو. مقتول نوجوان جي  والد  آدم ڪلھوڙو ٻڌايو ته منھنجو پٽ موٽرسائيڪل ڪرائي تي ھلائيندو آھي جيڪو ڀرياسٽي با۽ پاس کان پنھنجي گھر طرف اچي اچي رھيو ھو ته نامعلوم جوابدارن کيس گوليون ھنيون جنھن سبب موقعي تي ئي قتل ٿي ويو. اسان جي ڪنھن سان ڪا دشمني ناھي جوابدارن بي گناھ اسان جي نوجوان کي بي دردي سان قتل ڪيو آھي . ٻئي پاسي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ھوڏانھن رابطي تي ايس ايڇ او ڀريا ٻڌايو ته في الحال ڪجھ چئي نٿو سگھجي وڌيڪ جاچ بعد ڪارڻ معلوم ٿي سگھندو.