ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ ۾ مغل برادري جي معزز شخصيت بھادر مغل گهر ويجهو مري مسجد ۾ نماز پڙھڻ بعد واپس گهر اچي رهيو هو ته گاڏي ۾ سوار ھٿياربند کيس زبردستي اغوا ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، واقعي بعد شھر ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، سوين ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، شھرين ۽ پوليس پاران گاڏي جو پيڇو ڪيو ويو، جنهن بعد مغوي کي دادو مورو پل وٽ گاڏي مان لاھي اڻ ڄاتل هٿياربند فرار ٿي ويا، بھادر مغل ميڊيا کي ٻڌايو ته کيس 5 ھٿياربند اغوا ڪري ويا، گاڏي ۾ مونکي چوندا رھيا ته تنهنجي نالي تي زمين جو ايگريميينٽ آهي، جنهن تي مون کين چيو ته اھو ڪوڙو ايگريمينٽ آهي، مون کي ڪا به ڄاڻ ناھي، هو پوليس جي گاڏي ڏسندي مون کي لاھي فرار ٿي ويا.