ٺٽو ( رپورٽر) ٺٽي جي سول اسپتال جي سول سرجن جي بنگلي جي احاطي ۾ گذريل 5 مهينن کان بيٺل 77 ايمبولينسن جي سنڌ جي وڏي وزير جي نوٽيس وٺڻ بعد لاڳاپيل کاتي پاران ٺٽي مان ايمبولينسن جو سنڌ جي مختلف ضلعن جي اسپتالن ڏانهن اماڻڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ان ڏس ۾ ٺٽي جي سول اسپتال جي سول سرجن جي پراڻي رهائشي بنگلي ۾ گذريل 5 مهينن کان صحت کاتي جي سنڌ اينٽيگريڊ ايمرجنسي اينڊ هيلٿ سروسز نالي هلندڙ پروگرام جو سنڌ جي مختلف ضلعن ميرپورخاص ، گھوٽڪي ، ڪشمور ، شڪار پور ، شهيد بينظير آباد ۽ ٻين ضلعن جي اسپتالن ۾ 1122 ۽ 1036 جهڙي ايمبولينس جي سهولت مهيا ڪرڻ واسطي بيهاريل 77 ايمبولينسن جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ خبرن بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پران نوٽس ورتو ويو آهي ۽ وڏي وزير جي نوٽس وٺڻ بعد سنڌ جي صحت کاتي پاران ٺٽي جي سول اسپتال ۾ گذريل 5 مهينن کان بيٺل 1122 ، ۽ 1036 ، ايمبولينسن جي لاڳاپيل ضلعن ڏانهن موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.ڄاڻايل ضلعن جي اسپتالن ۾ 1122 جي سهولتن جي فراهمي لاءِ آفيسن جي نه هجڻ ڪري ايمبولينسون بيهاريون ويون هيون. هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ته صحت کاتي جي سنڌ اينٽيگريڊ ايمرجنسي اينڊ هيلٿ سروسز واري پروگرام تحت 1122 جي سهولت جي شروع ٿيڻ بعد ٺٽي، سجاول ۽ ٻين ضلعن جي 1036 ايمبولينس جي هلندڙ سروسز کي 1122 ۾ تبديل ڪرڻ بعد 1036 جي 22 ايمبولينسن کي پڻ سول اسپتال جي ساڳئي هنڌ تي پنجن مهينن کان بيهاريو ويو آهي. جن جي پڻ روڊن تي نه هلڻ ڪري ڳري ماليت وارين گاڏين جي خراب ٿيڻ جو پڻ امڪان پيدا ٿي ويو آهي ٻئي پاسي اهو به چيو پيو وڃي ته 1036 ايمبولينس جي گاڏين کي ميت گاڏين ۾ تبديل ڪري سنڌ جي هر ضلعي ۾ 2 ، 2 ميت گاڏين جي نالي طور اماڻيون وينديون