ڪراچي (م ڊ) پ پ ڪشمور جي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي گل محمد جکراڻي چيو آهي ته ڀارت رڳو ڪشميرين تان لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏي ته ڀارت تان ڪورونا جي وبا فوري طور تي ختم ٿي ويندي، پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ڪيل ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارت ڪشميرين کي آزادي ڏئي ڇڏي ته پاڻ به ڪورونا کان محفوظ ٿي ويندو. ان ٽوئيٽ تي مختلف ماڻهن سخت تنقيد به ڪئي آهي. ناليواري اديب اسلم خواجه چيو ته شيئر ڪرڻ کان اڳ پڙهي ته وٺندا ڪريو ته ڇا پيا شيئر ڪريو؟