ميڊرڊ (م ڊ) اسپين ۾ 22 ماڻهن کي ڪورونا ۾ مبتلا ڪندڙ شخص گرفتار ڪيو ويو، اسپين جي هڪ ميگزين موجب 22 ماڻهن کي ڄاڻي واڻي ڪورونا ۾ مبتلا ڪرڻ تي 40 ورهين جي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار شخص کي ڪورونا جون سڀ علامتون هيون پر ان باوجود هو آفيس ويندو رهيو ۽ ڪوبه احتياط نه ڪيو، ايتري قدر جيم به ويندو رهيو، ڪنهن ايس او پيز جي به پاسداري به نه ڪئي.