ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ جي ناراض ايم پي اي شهريار شر ڪالهه هتي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گھوٽڪي ضلعي جي سياسي صورتحال بابت ڳالهيون ٿيون، شهريار شر طرفان مستقبل ۾ پ پ ۾ شموليت ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران آصف علي زرداري سينيٽ اليڪشن ۾ ساٿ ڏيڻ تي شهريار شر جا ٿورا مڃيا.