خيرپور/ٽنڊو غلام حيدر (نمائندن وٽان) خيرپور ۽ ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. خبر موجب خيرپور ۾ غازي چوڪ وٽ ڪتن 12 سالن جي يامين ڦلپوٽو، اوستا گاهي پاڙي ۾ محمد ابراهيم ۽ محمد جمن، جڏهن ته ڪنب ۾ 5 سالن جي مقصود علي مهراڻي کي ڏاڙهي وڌو، ٽنڊو غلام حيدر جي ڳوٺ الهيار چانڊيو ۾ رولو ڪتن حملو ڪري ٻن ڄڻن علي شير چانڊيو ۽ شاهنواز چانڊيو کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، ٻنهي زخمين کي ٽنڊو غلام حيدر سول اسپتال آندو ويو، جتي ڪتي جي چڪ کان بچاءَ جي ويڪسين ڪئي وئي.