ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير ۾ شهري جي پوليس آفيسر ۽ ڪي اليڪٽرڪ عملي سان بدتميزي، وڊيو وائرل، ميمڻ ڳوٺ ۾ شهري طرفان پوليس آفيسر کي وردي لهرائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته شهري پوليس اهلڪارن سان گڏ سادا ڪپڙا پاتل شخص کي به گاريون ڏئي رهيو آهي، پوليس موجب وڊيو 2 ڏينهن پراڻي آهي، وڊيو ۾ نظر ايندڙ شهري آفتاب بلوچ بجلي بلن جي سلسلي ۾ آيل ڪي اليڪٽرڪ عملي کي ڌمڪائي رهيو هو. پوليس موجب ڪي اليڪٽرڪ وارن کي ٿاڻي گھرايو آهي، اهي ڪيس داخل ڪرائڻ چاهيندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو