اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي آزاد ڪشمير ۾ چونڊن لاءِ جوڙيل پارلياماني بورڊ جو ڪالهه ٽئين ڏينهن به اجلاس ٿيو، اجلاس کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني ۽ والده وانگر ڪشميرين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪري رهيو آهي، پيپلزپارٽي ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندي، ڪشمير جا نوجوان، بزرگ ۽ عورتون ٿيندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏين. بلاول ڀٽو زرداري ڪشميرين کي ڪڏهن مايوس نه ڪندو، ڪالهوڪي اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي ميرپور ڊويزن جي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ جي اميدوارن جا انٽرويو ڪيا ويا، ان موقعي تي پيپلز پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ راجاپرويز اشرف، نير بخاري ۽ ٻيا به موجود هئا.