جنيوا: (م ڊ) صحت واري عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) ڀارت ۾ ملندڙ ڪورونا وائرس جو نئون قسم(B.1.617) کي عالمي خطرو قرار ڏئي ڇڏيو. ڊبليو ايڇ او جي فني ماهر ماريه وين ڪيرخووي ٻڌايو آهي ته اهڙيون رپورٽون موجود آهن ته ڀارت ۾ ملندڙ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي شرح تمام وڌيڪ آهي. ياد رهي ته ڀارت ۾ هر ايندڙ ڏينهن سان ڪورونا وائرس سبب متاثر ۽ فوت ٿي ويلن جي انگ جو نئون رڪارڊ بڻجي رهيو آهي. ٻئي طرف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته دنيا جي ٻئي وڏي آبادي واري ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو وڃي. ڊبليو ايڇ او موجب ڀارت ۾ ڪورونا جي هي قسم سڀني کان پهرين ڊسمبر 2020 ۾ سامهون آئي هئي جنهن مان هنيئر تائين ڪروڙين ماڻهو متاثر ۽ هزارين فوت ٿي چڪا آهن.