اسلام آباد(م ڊ) نار جي ملڪن مان مسافرن جي نقلي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ تي پاڪستان اچڻ جو انڪشاف يو آهي جنهن بعد سول ايوي ايشن اٿارٽي سخت ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي. سول ايوي ايشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نار جي ملڪن مان ايندڙ مسافرن وٽ ڪورونا جي نيگيٽو رپورٽ هجڻ باوجود پاڪستان پهچڻ تي سندن ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي جيڪو اسان جي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي آهي، اهو ثابت ٿيو آهي ته انهن مسافرن وٽ جعلي رپورٽون هيون، جنهن ڪري هنن نه رڳو پاڻ سان گڏ سفر ڪندڙ مسافرن کي خطري ۾ وڌو پر ڪورونا وائر جي خاطمي لاءِ قومي ڪوششن کي به ڇيهو رسايو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن قومي ڪاز کي منهن ڏيڻ جي ذميواري رڳو سول ايوي ايشن تي نه پر سڄي قوم جي آهي، پاڪستان ايندڙ سموريون ايئر لائينون يقيني بڻائين ته مسافرن وٽ اصل رپورٽون آهن.