ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم ادل شيخ گھوٽڪي جي علائقي روانتي مان اغوا ٿيل موچي موھن لال واري واقعي تي مذمت ڪندي فوري رھائي جو مطالبو ڪيو آھي. ان حوالي سان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ حليم عادل شيخ جو چوڻ ھو ته ڌاڙيلن جون جديد اسلحي سان گڏ وڊيوز اچي رھيون آھن، سکر ريجن جي پوليس ايراني تيل ۽ ڪڻڪ جي خريد و فروخت ۾ مصروف آهي، جيڪب آباد، شڪارپور، گھوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ ڌاڙيلن پنهنجي رياست ٺاھي ورتي آهي، ڏوھارين کي سنڌ حڪومت جا وزير سپورٽ ڪري رھيا آھن، 13 سالن ۾ 753 ارب خرچ ٿيڻ باوجود شھر نوگو ايريا بڻيل آهن، عام ماڻهو محفوظ ناهي ڏينھن ڏٺي جو ماڻھو اغوا ٿي رھيا آھن، ماڻھن جو اغوا ۽ قتل معمول ٿي چڪا آهن، ناردرن بائي پاس محفوظ ناھي رھيو ڪچي جا علائقا ڌاڙيل جي حڪومت ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. سفارشي پوليس آفيسرن سنڌ جو امن دائو تي لڳائي ڇڏيو آهي، پوليس آرڊر 2019 بعد پوليس وزير اعليٰ جي غلام بڻجي چڪي آهي، پي پي آئي جي لڳڻ بعد سنڌ ۾ بدامني عروج تي پھچي چڪي آهي رينجرز کي ڪراچي کان ٻاھر اختيار ڏيندي سنڌ حڪومت جا پر سڙي رھيا آھن، امن امان جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ان معاملي جي ٽي ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي جي فلور تي نشاندهي ڪري چڪو آھيان، غريب موچي جون آھون سنڌ حڪومت کي ٻوڙي ڇڏينديون، رينجرز کي خصوصي اختيار ڏئي ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن شروع ڪيو وڃي.