ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا ۾گهٽتائي: ملڪ ۾ شرح گهٽجي 7.93 سيڪڙو تي پهچي وئي، وڌيڪ 113 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 3084 نوان ڪيس سامهون آيا، اين و سي پاران عيد نماز لاءِ هدايت نامو جاري، ان ڏس ۾ سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 12 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته 812 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير سيد مراد شاهه موجب هن وقت صوبي ۾ 17891 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 666 مريضن جي حالت نازڪ آهي، جڏهن ته 62 مريض وينٽيليٽر تي آهن، هوڏانهن ڪراچي ۾ 441، حيدرآباد ۾136، گھوٽڪي ۾ 72، شڪارپور ۾ 35، خيرپور ۾ 18، ٽنڊي محمد خان ۾ 17، نوشهري فيروز ۾ 16، ميرپورخاص ۾ 15، لاڙڪاڻي ۾ 14، مٽياري ۽ ڪشمور ۾ 13_13، ڄامشوري ۽ ٺٽي ۾ 11_11، سکر ۾ 9، سجاول ۾ 7، شهيدبينظير آباد ۾ 5، سانگھڙ ۾ 2 ۽ جيڪب آباد توڙي قمبر ۾ هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي، ٻئي پاسي حيدرآباد سول اسپتال ۾ داخل بدين واسڻ 75 سالن جي متره، لطيف آباد نمبر 10 جو رهواسي 70 سالن جو تاج الدين ۽ لطيف آباد نمبر 9 جو رهواسي 84 سالن جو محمد حسين فوت ٿي ويا. ضلعي ۾ فوتين انگ وڌي 352 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ قمبر واسي پيرسن فوت ٿي ويو. هوڏانهن سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل سکر جي ٽڪر پاڙي جي رهواسڻ 61 سالن جي شاهين آرائين ۽ روهڙي واسي 80 سال جو عبدالمجيد فوت ٿي ويا، ٻئي پاسي ڦلجي اسٽيشن جو پوليس اهلڪار محمد علي ڪوري ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن وڏي منشي غلام سرور پنهور جي ٽيسٽ پڻ مثبت آئي هئي، جڏهن ته ڪوٽڏيجي جي تعلقي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر امير الدين ڄامڙو جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي، ٻئي طرف اين سي او سي عيد نماز لاءِ هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو، عيد نماز کليل جڳهن تي ادا ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري عيد نماز مسجد اندر ادا ڪئي وڃي ته اتي در ۽ دريون کليل رکيون وينديون، ماڻهن جي رش گهٽائڻ لاءِ عيد جا 2 کان 3 ميڙ ( جماعتون) ڪري سگهجن ٿا، عيد نماز جو خطبو مختصر رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، بيمار، بزرگن ۽ 15 سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي عيد نماز جي ميڙ ۾ اچڻ کان روڪيو وڃي، عيد نماز دوران ماسڪ جو لازمي استعمال ڪيو وڃي، 6 فوٽن جو سماجي مفاصلو رکيو وڃي، نمازي گهران وضو ڪري پنهنجو مصلو کڻي اچن، نماز کانپوءِ شهري هڪٻئي سان هٿ ملائڻ يا ڀاڪر پائڻ کان پاسو ڪن.