اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت کي انساني حقن جِي بدترين ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو، مختلف ملڪن سان رابطن ۾ نمازين تي تشدد ۽ گولا باري تي ڳڻتي ظاهر، او آءِ سي ۽ گڏيل قومن کان صورتحال تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو جڏهن ته فلسطينين تي اسرائيلي ظلم خلاف سياسي قيادت هڪ آواز ٿي وئي، فلسطينين تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان اسرائيل جي فلسطينين تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ترڪي سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪالهه عوام جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته اسرائيلي فورسز 27 رمضان جي رات مسجد اقصيٰ تي فلسطينين تي جيڪو ظلم ڪيو ان جي مون مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته مون پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي به چيو آهي ته هو ان معاملي تي ترڪي ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن سان رابطو ڪري ڳالهائي، سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان سان مون پاڻ اسلاموفوبيا تي ڳالهيون ڪيون ۽ سڀني کي گڏجي مقابلو ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هڪ ملڪ ڪجهه نٿو ڪري سگهي ۽ ان لاءِ ئي اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن پاڪستان فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت کي انساني حقن جِي بدترين ڀڃڪڙي قرار ڏيندي نمازين تي تشدد ۽ گولا باري تي ڳڻتي ظاهر ڪيو ويو، او آءِ سي ۽ گڏيل قومن کان صورتحال تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسرائيل هٿين خالي فلسطينين مٿان ظلم ڪري رهيو آهي، پاڪستان، سعودي عرب، قطر، ترڪي سميت ٻين ملڪن سان رابطو ڪري صورتحال بابت آگاهه ڪيو آهي، وزير اعظم او آءِ سي جَي سيڪريٽري جنرل آڏو موقف پيش ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شاهه محمود قريشي چيوته وزير اعظم جو سعودي عرب جو دورو غير معمولي هو، جنهن جا ڪجهه ڏينهن اندر نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪشمير بابت نه يوٽرن ورتو آهي نه وٺندو، ڪشمير مسئلي تي ڀارت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، ڀارت کي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته سعودي عرب اهم ملڪ آهي پاڪستان جي خواهش موجب ايران ۽ سعودي لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي. سعودي عرب جي ايران سان ڳالهين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، سعودي سان ڳالهين ۾ پاڪستان ڪا قيمت نه پيو ڪري، پاڪستان افغانستان ۽ افغانستان امن سان گڏ آهي. ٻئي طرف پرڏيهي وزارت پاران غزه تي اسرائيلي حملن جي مذمت عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻ شهباز شريف فلسطين جي سفارتخاني پهتو جتي فلسطيني سفير سان ملاقات ڪئي، شهباز شريف اسرائيلي حملن ۾ فلسطيني ٻارن جي شهادت تي افسوس ۽ مذمت ڪئي، هن چيو ته دنيا بيگناهه فلسطينن جي قتل عام تي اکيون ٻوٽي نٿي سگهي، اوهان انسانيت جا حامي آيو يا دهشتگردي جا اهو فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فيصل سبزواري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي پاران اسرائيلي جارحيت تي اثرائتو ردعمل نه اچڻ ۽ عالمي قوتن پاران امتيازي سلوڪ اسرائيل جي رياستي پاڳل پڻي جو ذميوار آهي.وفاقي وزير علي زيدي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مسجد اقصيٰ ۾ فلسطيني نمازين تي اسرائيلي حملو رياستي دهشتگردي جو بدترين مثال آهي ڇا انسانيت مري وئي آهي؟ پ پ اڳواڻ شيري رحمان به اسرائيلين جي جشن جي وڊيو ٽوئيٽر تي شيئر ڪئي جنهن ۾ هڪ پاسي يهودي جشن ملهائي رهيا آهن ته ٻئي طرف نمازين تي اسرائيلي فائرنگ ۽ شيلنگ سبب باهه لڳل نظر اچي ٿي.