ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي پنجابي ڳائڻو بادشاه سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ پنهنجي شادي بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي اهي افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته ريپر بادشاهه جلد پنهنجي ويجهي دوست ايشا رکي سان شادي ڪرڻ وارو آهي. پر شادي جي ڪوڙين خبرن کي رد ڪندي بادشاهه پنهنجي انسٽا اسٽوري تي ميديا کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته مان ميڊيا جي عزت ڪندو آهيان پر ڪوڙي خبر پکيڙڻ خراب ڳالهه آهي. هن وڌيڪ لکيو ته جيڪو به اوهان کي اهو بڪواس ٻڌائي رهيو آهي ان کي اوهان جي لاءِ بهتر مصالحو ڳولڻ گهرجي، مان شادي نه ڪري رهيو آهيان.ياد رهي ته سوشل ميڊيا ۽ ڀارتي ميڊيا تي اها خبر گردش ڪري رهي آهي ته بادشاهه جلد ايشا رکي شادي ڪري رهيا آهن.