ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز جي مشهور ادڪارا ۽ ماڊل ايمان علي انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ هڪ اهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي جنهن سبب هن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ويجهڙ ۾ ايمان علي هڪ نجي ٽي وي شو ۾ شريڪ ٿي جتي هن پنهنجي بيماريءَ جي حوالي سان انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته مان هڪ اهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا آهيان جنهن سبب هوءَ نور کان محروم ٿي ويندي آهي ۽ هلي به نه سگهندي آهي. اداڪارا ٻڌايو ته مان multiple sclerosis بيماريءَ ۾ مبتلا آهيان جنهن سان گڏ زندگي گذارڻ جي عادت وجهڻي پوندي آهي مان اڪثر شئين جو نالو به وساري ويهندي آهيان. ايمان ٻڌايو ته پوئين ڏيڍ سال کان هن جا هٿ ڪم نه ڪري رهيا آهن بلڪل سُن ٿي ويا آهن جڏهن ته مونکي ڳالهائڻ ۾ به ڏکيائي ٿي رهي آهي جنهن سبب هاڻي ته انٽرويو ڏيڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. ايمان علي واضح ڪيو ته اها هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ اوهان شئين جا نالا به وساري ويهندا آهيو جيئن مونکي اڪثر والده کان پڇا ڪرڻي وپندي آهي جنهن تي اسان ماني کائيندا آهيون ان کي ڇا چئبو آهي يعني ٽيبل جو نالو به وساري ويهندي آهيان.