ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا نيلم منير شادي بابت سوال تي صحافين کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. پاڪستان شوبز جي 31 سالن جي اداڪارا نيلم منير جي پراڻي وڊيو هڪ ڀيرو وري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ صحافين کي هن کان شاديءَ جي حوالي سان سوال ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. اداڪارا کان صحافي سوال ڪيو ته هوءَ شادي ڪڏهن ڪرڻ واري آهي جنهن تي نيلم منير جواب ڏنو ته اوهان کي منهنجي شاديءَ جي ايتري پرواهه ڇو هوندي آهي، مونکي ڪوبه ٽينشن نه آهي، اڃا مونکي ڪم ڪرڻ آهي في الحال اهڙا سوال نه ڪريو. ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو دوران شادي بابت سوال تي نيلم منير چيو ته هوءَ اوچتو ئي شادي ڪندي پر تمام سادگيءَ سان ڪندي. ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي نيلم منير جي ڊرامي “دل موم ڪا ديا” کانپوءِ افواهه آهن ته اداڪارا جلد شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندي.