برمنگهم (اسپورٽس نيوز) برطانيا ۾ جاري ڪمن ويلٿ گيمز ۾ ڀارتي وومين ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان وومين ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.  ميڊيا رپورٽن موجب ڪمن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستاني وومين ٽيم مقرر 18 اوورن ۾ 99 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي. اهڙي طرح مخالف ٽيم کي مقرر 20 اوورن ۾ هڪ سؤ رنسن جو آسان ٽارگيٽ مليو.  جواب ۾ ڀارتي وومين ٽيم 100 رنسن جو هدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي 12 هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو. پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪمن ويلٿ گيمز ۾ مسلسل ٻي شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. پاڪستان وومين ٽيم کي پهرين ميچ ۾ بارباڊوس هٿان شڪست ملي هئي. پاڪستان وومين ٽيم ايندڙ ميچ آسٽريليا خلاف کيڏندي.