خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي مشهور واپاري مرحوم طالب حسين راجپوت جي پٽ شڪيل راجپوت الزام لڳائيندي چيو آهي ته منهنجا ويڳا ڀائر ملڪيت خاطر منهنجي جان جا دشمن بڻجي يا آهن، والد جي ملڪيت جنهن ۾ پيٽرول پمپن، فلور ملن، زمين ۽ ٻي ملڪيت مان ڀائرن کي حصا مليا پر ان باوجود لالچ ۾ اچي ڪري مونکي مارائڻ لاءِ حملا ڪرايا ويا پر الله پاڪ مونکي بچائي ورتو جنهن بعد مون مٿان ڪيترائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا هاڻي به جاني مالي ڌمڪيون ملي رهيون آهن جنهن ڪري منهنجي جان خطري هيٺ اچي وئي آهي. هن وزيراعليٰ سنڌ، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي