ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي العباس شوگر مل ڀرسان ميرواهه گورچاڻي ميرپورخاص روڊ تي ڪوري ڪار موٽر سائيڪل سوار کي بچائيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ ڪري ماشاءَ الله پيٽرول پمپ تي ڊيوٽي ڪندڙ ملازم طالب حسين لغاري کي ٽڪر هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن کي پيٽرول پمپ انتظاميا رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي کڻائي آئي جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ٻئي پاسي ڪار ڊگهڙي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊگهڙي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏي. آخري اطلاعن تائين اڃان تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.