ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت

0
198
ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت
ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت

ٿرپارڪر (ن پ ا) ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين سبب ٻارن جي موت جو سلسلو جاري آهي، سول اسپتال مٺي ۾ علاج دوران وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا

ٿرپارڪر اسپتال ذريعن موجب فوت ٿيلن ۾ 7 مهينن جي شازيه، 45 ڏينهن جو عرب پٽ سعيد الله، 16 ڏينهن جو نقين رحمان ولد عرب جڏهن ته پرڪاش، فدا حسين ۽ سوائي جا نوان ڄاول ٻارڙا شامل آهن

اڄ 6 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ٿر ۾ پهرين جنوري کان فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 49 ٿي ويو آهي، جڏهن ته گذريل سال 625 ٻارڙا فوت ٿي ويا هئا

اسپتال انتظاميا موجب ٿر جي مختلف علائقن مان لڏي آيل بيمار ٻار علاج کانپوءِ گهر واپس پهچي ويا، جڏهن ته ٿر جي ٻهراڙين جي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن ۽ عملي جي کوٽ برقرار آهي

چيف جسٽس آف پاڪستان جي ٿر ۾ آمد کان اڳ اسپتالن ۾ مقررڪيل اضافي عملي کي چيف جسٽس جي وڃڻ کانپوءِ واپس ڪيو ويو آهي، ضلعي انتظاميا ٿر ۽ صحت کاتي جا عملدار رڳو دعوائن تائين محدود آهن