پ پ وارا سنڌ ۽ اسان پنجاب مان نڪرنداسين، رستي ۾ڪِٿي ملاقات ٿي ويندي: شاهه محمود قريشي

0
285
پ پ وارا سنڌ ۽ اسان پنجاب مان نڪرنداسين، رستي ۾ڪِٿي ملاقات ٿي ويندي: شاهه محمود قريشي
پ پ وارا سنڌ ۽ اسان پنجاب مان نڪرنداسين، رستي ۾ڪِٿي ملاقات ٿي ويندي: شاهه محمود قريشي

ملتان (ڊيسڪ رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 27  فيبروري تي لانگ مارچ لاءِ پ پ وارا سنڌ ۽ اسان پنجاب مان نڪرنداسين، رستي ۾ڪِٿي ملاقات ٿي ويندي

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ پ ۽ نواز ليگ سان ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام تي ڳالهيون ڪرڻ گهرون ٿا، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي جواب جو انتظار آهي

هن چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب جي عوام کي خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي پارٽي سندن ترجماني ڪري ٿي، اپوزيشن سان هن معاملي تي گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون، پر اهو ڳالهين ذريعي ممڪن ٿيندو، اپوزيشن آئيني ترميم ڪري ته کين ڪريڊٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون،

شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دشمن پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ گهرن ٿا، سندن ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائينداسين، دهشتگردن کي ٻيهر ڪنڌ کڻڻ نه ڏنو ويندو