ٿر جو ڪوئلو سموري ملڪ تائين پهچائڻ لاءِ ڇور کان اسلام ڪوٽ تائين ريلوي لائين وِڇائڻ جو فيصلو

0
455
Islamabad: Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addresses the ceremony of signing of an MoU between Ministry of Railways, Government of Pakistan and Government of Sindh with regards to connectivity of Thar Coal to the existing network of Pakistan Railways ( 5 October, 2022)

 ٿر جو ڪوئلو سموري ملڪ تائين پهچائڻ لاءِ ڇور کان اسلام ڪوٽ تائين ريلوي لائين وِڇائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ۾ تقريب دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون، معاهدي تحت 6 مهينن ۾ 56 ڪلوميٽر ريلوي پٽڙي وڇائي ويندي، جنهن بعد ڪوئلو ميرپور خاص رستي سڄي ملڪ تائين پهچايو ويندو

معاهدي جي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٿر جي ڪوئلي کي ملڪ جي ٻين علائقن تائين پهچائڻ جو هي منصوبو انقلاب آڻيندو، وفاق ۽ صوبي اڄ ڳالهيون ڪيون ۽ معاهدو ٿي ويو

هن معاهدي سان قومي ٻڌي کي هٿي ملندي، ٿر جو ڪوئلو بجلي گهرن ۾ استعمال ڪرڻ سان ٻارڻ جي مد ۾ ساليانو 2 ارب ڊالرز بچائي سگهبا، وزيراعظم طرفان منصوبي کي 23 مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت