ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه مني لانڊرنگ بابت وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حريم شاهه کي جاچ لاءِ طلب ڪيو ھو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي اهلڪارن حريم شاهه کان ٽن ڪلاڪن تائين جاچ ڪئي

نجي نيوز چئنل سان ڳالهائيندي حريم شاهه چيو ته مون ڪا مني لانڊرنگ ناهي ڪئي، وڊيو مذاق ۽ تفريح لاءِ ٺاهي هئي، ايف آءِ اي کي به اهو ئي موقف رڪارڊ ڪيو آهي

هن چيو ته هو ان ڪيس کي منهن ڏيندي، اميد آهي ته هي ڪيس جلد ختم ٿي ويندو، اهو ڪيس شهزاد اڪبر جي خواهش تي مون تي ٺاهيو ويو ھو، مني لانڊرنگ جي هن ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي رکيو

واضح رهي ته حريم شاهه جنوري ۾ برطانوي پائونڊز سان هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي ۽ پاڪستان مان مني لانڊرنگ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي