ٿر جا فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع، واپارين اگھه گهٽائي ڇڏيا، آبادگار پريشان

0
511

ڇاڇرو (رپورٽ: جبار نهڙيو) ٿر جا فصل مارڪيٽ ۾ پهچڻ شرط واپارين اگھه گهٽائي ڇڏيا، هاري پريشان، خبر موجب برساتن تي پوکائي ڪيل فصل لهڻ بعد فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ بعد واپارين ٿر جي فصلن جو سرڪاري اگھه مقرر نه هجڻ ڪري اگھه گهٽائي ڇڏيو آهي

ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب پوکائي دوران 5 هزار روپيا في گوار  جي اگھه ۾ هڪ هزار روپيا لاٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 3500 روپيا في مڻ موٺ جي اگھه ۾ پڻ هڪ هزار روپيا گهٽتائي آندي وئي آهي، اهڙي طرح ٻاجهر جي اگھه ۾ 6 سئو روپيا لاٿ ڪئي وئي آهي، 8 هزار روپيا في مڻ مڱ خريد ٿيڻ وارا هاڻي 24 سئو رپيا لاٿ سان ورتا پيا وڃن، ٿر جي آبادگارن فقير اميد نهڙي، اڪبر راهمون، يعقوب بجير ۽ ٻين دانهيندي چيو ته لڳاتار برساتون پوڻ

اس گهٽ ملڻ ۽ فصل جي پاڙ ۾ جيت لڳڻ سبب اڳ ئي ٿر جو فصل سخت متاثر ٿيو آهي، پوکيل فصل پوکائي جي خرچ جيتري به آبادي نه ڏئي سگهيو آهي، مٿان وري واپارين جنسن جا من پسند اگھه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري آبادگار طبقي کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ٿر ۾ تيار ٿيندڙ فصلن جو سرڪاري اگهه مقرر ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.