ترڪي جي شهراستنبول ۾ ٿيل بم ڌماڪي جو جوابدار گرفتار

0
286
ترڪي جي شهراستنبول

استنبول (ڊيسڪ رپورٽ) ترڪي جي شهراستنبول ۾ ٿيل بم ڌماڪي جو جوابدار گرفتار، گهرو وزير ڪردستان ورڪرز پارٽي کي حملي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آھي

 گھرو وزير موجب حملي ۾ ڪُردش دهشتگرد تنظيم پي ڪي ڪي ملوث آهي، استنبول ۾ دهشتگرد حملي سبب 6 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽  53 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا

ترڪ ميڊيا موجب ڳتيل آبادي واري علائقي تقسيم اسڪوائر وٽ بم ڌماڪو ڪيو ويو هو، پاڪستان،  آمريڪا سميت ٻين ملڪن طرفان بم ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي آھي

واضح رھي تھ استنبول ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ھئا ۽ 81 زخمي ٿي پيا ھئا، ڌماڪي جي وقت سياحن جو وڏو انگ موجود ھو ۽ آچر ھجڻ ڪري تقسيم اسڪوائر تي سياحن جي رش ھئي

ھي به پڙھندا

ارشد شريف کي ويجهي کان گوليون هنيون ويون، ڇرڪائيندڙ انڪشاف