اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت برساتن سبب فوت ٿي ويلن کي في ڪس 10 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو  اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومتي توڙي مخالف ڌر جي ميمبرن برسات متاثرن جي ٿيل نقصان جو فوري ازالو ڪرڻ جو به مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ هڪ ڪلاڪ 19 منٽ دير سان شروع ٿيو، قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرن سيد جاويد علي شاهه جيلاني، خورشيد جوڻيجو، سڪندر علي راهوپوٽو پاران سنڌ ۾ تازو ٿيل برساتن سبب فصلن ۽ ملڪيتن کي پهچندڙ نقصانن جي معاوضي جي عدم ادائگي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، سيد جاويد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ برساتن ملڪيتن ۽ خاص طور تي فصلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، خورشيد جوڻيجو چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ برساتن سبب نقصان ٿيو آهي، بلوچستان جو پاڻي به سنڌ اچي رهيو آهي، دريائي ٻوڏ به اچڻ واري آهي،جواب ڏيندي پارلياماني مامرن جي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته برساتن سبب وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي، جيڪي ماڻهو فوت ٿيا آهن انهن کي معاوضو ڏنو پيو وڃي، وفاقي حڪومت معاوضي ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو وجهندي، في فوت ٿيل کي 10 لک معاوضو ملندو، 40 سيڪڙو امدادي رقم تقسيم ٿي چڪي آهي، ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته بدين ۾ برساتن سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، مڇرن ڪري مليريا جي وبا وانگر ڦهلجڻ جو خطرو پيدا ٿيو آهي، ٻهراڙي سنڌ جو موهن جي دڙي کان به برو حال آهي، جيڪا ٻوڏ جي جائزي لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي ان ۾ اپوزيشن کي نمائندگي ملڻ گهرجي ۽ ان ڪاميٽي کي سمورن ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ گهرجي، رڳو شهرن ۾ وڃي واپس نه اچڻ گهرجي،  ان موقعي تي هاڪس بي سوڌو ملڪ اندر برساتن ۾ فوت ٿيلن لاءِ فاتحه خواني به ڪرائي وئي. ايم ڪيو ايم جي اسامه قادري چيو ته ڪراچي ۾ هاڪس بي سمنڊ تي 6 نوجوان ٻڏي فوت ٿيا، ڪراچي ۾ ڊاڪٽر عاصم جو پٽ مامرا ڏسي رهيو آهي،وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو ته ميمبرن پاران اٿاريل مامرن جو جواب ضرور ڏيڻ گهرجي، مان پاڻ فيول ايڊجسٽمينٽ سرچارج جو مامرو ڪابينا ۾ اٿاريندس.