ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد شاهه چيو آهي  ته هلندڙ برساتن دوران سنڌو  جي ساڄي ڪناري (رائيٽ بينڪ) تي واقع  قمبر ، دادو ۽ ڄامشوري ضلعا متاثر ٿيا  آهن. اڪثر ماڻهو پنهنجن گهرن خاص ڪري ڪچن گهرن کان محروم ٿي ويا آهن، اسان متاثرين کي 2 هفتن جو راشن ڏئي ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو آهي، پاڪستان بيت المال کي برسات متاثر خاندانن جي مدد ڪرڻ گهرجي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس  ۾ ٿيل ملاقات ۾ بيت المال  جي ايم ڊي عامر پراچا ٻڌايو ته ڪراچي ۾ سندن 5 پناهگاهون آهن، جتي ڊائلسز، ڪينسر يا گردن جي علاج لاءِ ڪراچي ايندڙ مريضن کي رهائش ۽ کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي سماجي ڀلائي واري وزير ساجد جوکيو چيو ته اسان غريب مريضن جي علاج ۾ مدد لاءِ سوشل ويلفيئر کاتي هڪ آفيسر کي جناح اسپتال  ۾ مقرر ڪيو آهي، جنهن تي وڏي وزير سماجي ڀلائي واري وزير تي زور ڀريو ته زڪوات کاتي ۽ بيت المال سان رابطا ڪري مسڪين مريضن جي علاج ۾ مدد ڪئي وڃي،