فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج جي سرڪاري اسپتال مان ڊاڪٽر غائب،  پٽيوالا، چوڪيدار ۽ ننڍي عمر جا سيکڙاٽ نينگر مريضن جو علاج ڪرڻ لڳا، مريضن جو احتجاج . رپورٽ موجب فيض گنج تعلقي جي سڀ کان وڏي سرڪاري اسپتال  رورل هليٿ سينٽر پڪا چانگ ۾ مقرر سرڪاري ڊاڪٽرن اسپتال اچڻ ڇڏي ڏنو، ڊيوٽين تان غيرحاضر ڊاڪٽرن پاڻ وٽ ڪم سکندڙ ننڍي عمر جي سيکڙاٽ ڇوڪرن کي مريضن جي زندگين سان کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. سرڪاري اسپتال ۾  وڏي انگ ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهن پر ان باوجود اهي مهينن کان ڊيوٽين تان غائب رهي پنهنجون ذاتي اسپتالون هلائڻ ۾ مصروف آهن. سندن جاءِ تي سيکڙاٽ ڇوڪرا مريضن جو علاج ڪرڻ لڳا آهن. برساتن کان پوءِ سرڪاري اسپتال ۾ گيسٽرو، مليريا، پيٽ ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ ورتل مريضن کي سيکڙاٽ نينگر مريضن کي وئڪسين ڏيندي ۽ ڊرپون لڳائيندي نظر اچي رهيا آهن. ان سلسلي مريضن ۽ سندن وارثن عطا حسين شر، هادي بخش، غلام قادر خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته صحت مرڪز پڪاچانگ ۾ بدانتظاميءَ جي ور چڙهيل آهي، اسپتال جي ايم ايس سميت سمورن ڊاڪٽرن جون پرائيويٽ اسپتالون قائم ٿيل آهن. سرڪاري اسپتال وڏي عرصي کان بي غريب مريضن لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي. هنن ڊي جي هليٿ ۽ ڊي ايچ او خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڊيوٽين تان غير حاضر رهندڙ ڊاڪٽرن خلاف انڪوائري ڪري غريب مريضن جون زندگيون بچايون وڃن. ان سلسلي ۾ ڊي ايچ او خيرپور رحمت الله سولنگي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسپتال انتظاميا خلاف شڪايتون مليون آهن، معاملي جي جاچ لاءِ سرڪاري اسپتال جي ايم ايس کان جواب طلب ڪيو آهي.