نوابشاھ (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ويجھو ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، 4 ڄڻا زخمي، لاش رکي ڌرڻو، ان ڏس ۾  نوابشاهه ڀرسان سٺ ميل روڊ تي پٺاڻ ۽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ دوران 5 ڄڻا محمد بخش خاصخيلي، جھانگير  پٺاڻ،اسد پٺاڻ، محمد خان پٺاڻ ۽ لال خان  زخمي ٿي پيا، زخمين کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سھندي جھانگير پٺاڻ دم ڏئي ڇڏيو، ان حوالي سان بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او ثناءُ الله پنھور ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٻنھي ڌرين جو معمولي ڳالھ تان جھيڙو ٿيو ھو، جنھن بعد اڄ وري ٻنھي ڌرين ۾ تڪرار وڌي ويو ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان جھانگير پٺاڻ قتل ٿي ويو ۽ 4 ڄڻا ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ايس ايچ او چيو فريادي ڌر 10 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪرايو آھي، جن ۾ 5 جوابدار امتياز خاصخيلي، محمد بخش خاصخيلي، گل محمد خاصخيلي، نياز خاصخيلي نامزد آھن، جڏھن ته 5 نامعلوم شامل آھن، ٻي طرف پوليس 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي پر سندن گرفتاري ظاھر ناھي ڪئي وئي، هوڏانهن  پٺاڻ برادري جي ماڻھن محمد شفيع جدون جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب آڏو مقتول جو لاش رکي ڌرڻو هنيو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.