پکي پيھوڙي

0
182
پکي پيھوڙي

  ڍنڍ جي هن خوبصورت، بي اُوني پکيءَ  کي ” پِيهوڙِي“ چيو ويندو آهي. آبڪلاڻي/ سانوڻيءَ ۾ جڏهن ٻنيون ٻارا، ڍنڍون ڍورا پاڻيءَ سان ڀريا پيا هوندا آهن ته ڊگهڙي، ٻه ڦانگي پڇ وارو هيءُ پکي اتي اڪثر نظر ايندو آهي. ڪوڻين ۽ پٻڻين واريون ڍنڍون هن جو پسنديده آماجگاه آهن. پيهوڙي ڪوڻين ، پٻڻ جي پنين ۽ ڪکن پنن کي گڏ ڪري، پاڻيءَ جي سطح تي ئي آکيرو ٺاهي لاٽونءَ جهڙا مينديءَ رنگا آنا ڏيندي آهي. پڌري پَٽ آنا ڏيڻ جي ڪري، اهڙي سونهري موقعي مان فائدو وٺڻ لاءِ سياڻا ڪانوَ به اتي پهچيو وڃن… جنهن کان پوءِ سڄو سڄو ڏينهن ٻنهين پکين ۾ جهيڙو جاري رهندو آهي… پر هميشه وانگر سادگي سياڻپ کان هارايو وڃي ۽ ويچاري پيهوڙي دانهون ڪندي رهجي ويندي آهي. (علي حسن چانڊيو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)