زبون حاليءَ جو شڪار جلالجي کان ڀنگوبهڻ لنڪ روڊ

                 ڀنگوبهڻ ۽ ان جي آسپاس جا 50 کان مٿي ڳوٺ جن جا رهواسي روڊ خراب هجڻ ڪري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، مريضن کي اسپتال پهچائڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي، گهڻا ئي مريض رستي ۾ ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري وڃن ٿا، وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندڙ سنڌ حڪومت جا نمائندا توڙي هتان جا ايم پي اي ووٽ وٺڻ وقت هتان جي اٻوجهه عوام سان وڏيون وڏيون ڳالهيون ۽ ڪوڙا واعدا ڪري ويندا آهن ته ايندڙ اسڪيم ۾ توهان جي روڊ جي مرمت ضرور  ٿيندي پر سالن کان روڊ جي حالت ويتر خراب ٿيڻ لڳي آهي، هن روڊ تي هنڌان هنڌان وڏا کڏا پئجي ويا آهن ۽ سڄو روڊ اکڙي ويو آهي. تعلقي فيض گنج جو سڀ کان خراب ۾ خراب روڊ جلالجي کان ڀنگوبهڻ ويندڙ روڊ آهي، جنهن جي مرمت لاءِ ڪيترائي ڀيرا بل منظور ٿيا آهن پر هن وقت تائين روڊ جو ڪو به ڪم نه ٿي سگهيو آهي، خبر نه پئي ته روڊ لاءِ آيل پئسا ڪنهن جي کيسي ۾ هليا ويا آهن.

سڪندر علي شر/ جلالجي، فيض گنج

پنوعاقل گهوٽڪي فيڊر واھه تي بااثر ماڻهن جو قبضو!

  گڊو مان نڪرندڙ شاخ گهوٽڪي فيڊر جنهن کي ڪورائي واھ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، انتضاميا جي لاپرواهي سبب بااثر ماڻهو قبضا ڪري مٽي ڪڍرائي وڪرو ڪرڻ لڳا آهن، واضح رهي ته مٽي ڪڍرائڻ سبب هن شاخ کي ڪيترائي گهارا پيا آهن، جن جي ڪري هتان جي آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن جو لک رپين جو نقصان ٿيو آهي پر هن وقت تائين ان جو ازالو ناهي ٿي سگهيو. بااثر ماڻهو پوليس، داروغن ۽ بيلدارن کي هزارين رپيا ڏئي خاموش ڪري ڇڏيو آهي، واھ جا ڪپر تمام ڪمزور ٿي ويا آهن، آبادگار ۽ ڳوٺاڻا تمام گهڻا پريشان آهن. اسان جي اعليٰ اختيارن ۽ عدالت کي اپيل آهي ته بااثرن خلاف نوٽيس ورتو وڃي ۽ وڏي نقصان جي کان بچايو وڃي.

عبدالمجيد جسڪاڻي/پنوعاقل

وائرل ٿيل ليلا مجنون جي تصوير اصلي به آهي!؟

  سوشل ميڊيا تي اسان کي هر روز نيا اشو پڙهڻ لاءِ ملندا آهن ۽ انهن جي اصلي ھجڻ يا نقلي ھجڻ جي ڪا به خبر نه هوندي آهي، بس بنا تصديق جي اسان انهن مسئلن کي اڳتي فارورڊ ڪندي دير ئي ناهيون ڪندا. ايئن ئي عشق جي داستانن جون ڪافي داستان ڪتابي صورتن موجود آهن پر تازو ئي سوشل ميڊيا تي ليلا مجنون جي تصويرون وائرل ٿيون آهن، جن کي ڪافي ماڻهن شيئر پڻ ڪيو آهي پر اهو تصويرون جيڪي ليلا مجنون جون ٻڌايون پيون وڃن اهي تصويرون حقيقت ۾ اصلي آهن يا نقلي؟ اهو اڃا تائين ڪنفرم ناھي ٿي سگهيو پر سوشل ميڊيا تي وٺ وٺان لڳي پئي آهي. انهن ليلا مجنون جي وائرل ٿيل تصويرن جي حقيقت سامهون ضرور اچڻ گهرجي ۽ اها حقيقت تڏهن ئي سامهون اچي سگهندي جڏهن ان تي تحقيق ٿيندي، باقي سوشل ميڊيا تي بنا تصديق جي ڪا پوسٽ شيئر ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

رتيديري جي اسٽريٽ لائيٽن جي مرمت ڪرايو!

  جيئن ته رتوديرو ۾ تقريبن پنج سال اڳ چاندني چوڪ کان باءِ پاس تائين اسٽريٽ لائيٽ جا ٿنڀا ۽ سولر پليٽون سرڪار طرفان لڳايون ويون ھيون، جيڪي ھڪ سال به مس ھليون ھيون، ان کان پوءِ ھن وقت تائين انھن جي مرمت نه ٿي سگهي آهي، ھاڻي ته اھي لائيٽون بيٽرين سميت چوري ٿي ويون آهن، رات جو اونداهي سبب چوري ۽ ڦر جي واردارتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. افسوس جو ھتي ڪير به ڪنهن کي چوڻ وارو ناهي، انتظاميا ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، عوام به اگھور ننڍ ستل آهي، اسان جي انتظاميا ۽ حڪومت کي اپيل آهي ته رتيديري جون اسٽريٽ لائيٽ جي جلد مرمت ڪرائي ڏني وڃي.

ثقلين حيدر/ رتوديرو

پيپلز پارٽي جي جيالي سان انصاف ڪريو!

  سجاول پيپلز پارٽي جي پراڻي ورڪر ۽ جيالي محمد حسين شيخ کي مقامي قيادت نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي، محمد حسين شيخ جو چوڻ آهي ته مون  پنهنجي سڄي زندگي پيپلز پارٽيءَ کي ارپي ڇڏي پر افسوس مون کي سدائين نظر انداز ڪيو ويو آهي، ڇو جو آئون ھڪ غريب بي پهچ ورڪر آھيان، ان ڪري منھنجي ڪير به سار نٿو لھي، مون صرف ھڪ پٽيوالي جي نوڪري لاءِ لاڳيتو پريس ڪلبن اڳيان بک ھڙتالون ڪيون پر اڳوڻي ۽ موجودہ ضلعي قيادت مون کي صرف ڪوڙا دلاسا ڏئي بک هڙتال ختم ڪرائيندي آهي ۽ منھبجي مسئلي کي حل نه ڪندي آهي. پيپلز پارٽي غريب مسڪين ماڻهن جي پارٽي آهي پر افسوس ھن وقت پيپلز پارٽي تي سرمايادارن جو قبضو آهي، غريب مسڪين ورڪرن کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آھي، جيڪي غريب مسڪين ورڪر پارٽي جو سرمايو آهن، ھر ڏکئي وقت پارٽي سان ساٿ نڀائيندا آھن ۽ قربانيون ڏيندا آھن جن کي پارٽي سان عشق ۽ جنون آهي، انھن کي صرف بک ۽ بدحاليءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نصيب نه ٿيندو آهي. محمد حسين شيخ جو چوڻ آهي ته آئون محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي ھر ورسي تي ويندو آھيان، جڏھن مون ھڪ پٽيوالي جي نوڪري لاءِ بک هڙتال ڪئي ته مون کي ان سال محترمه جي ورسي جي تقريب ۾ به نه وٺي ويا، مون جڏھن منھنجي يونين ڪائونسل علي بحر جي جنرل سيڪريٽري کان پڇو ته ته مون کي ورسي تي ڇو نٿا وٺي ھلو، تڏھن ان ٻڌايو ته ضلعي صدر ۽ تعلقي صدر اوھان جي ھلڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. آئون بلاول ڀٽو زرداري، چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي کي اپيل ٿو ڪيان ته مون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ منھنجي ھن مسئلي جو نوٽيس ورتو وڃي، آئون پيپلز پارٽيءَ جو پراڻو ورڪر آھيان مون کي پيپلز پارٽي سان جنون ۽ عشق آھي، ان جي مون کي ايڏي وڏي سزا نه ڏني وڃي.

وفا بابو پٺاڻ/ سجاول

منهنجي مٺڙي امان، تنهنجي ياد جيءُ جهوري ڇڏيو آ!

  دنيا ۾ کوڙ رشتا آھن پر ماءُ جو رشتو سڀن کان الڳ آهي، جنھن رشتي ۾ نه لالچ آهي نه انا ۽ نه ئي نفرت، جواني کان پيريءَ تائين دل ۾ ھڪ ئي جذبو کڻي زندہه رھي ٿي، اھو آھي پيار شفقت ۽ ٻاجھ جو. آرڙ جي سخت گرمي ھجي يا ڊسمبر جون سرد راتيون ھجن، انھن ۾ ھڪ ماءُ ئي ھوندي آھي جيڪا ھر وقت الڪي ۾ ھجي ٿي ته متان منھجي ٻچڙي کي سيءُ نه لڳي، گرمي نه لڳي، اڄ منھجي امڙ جي وڇوڙي کي ٻه سال ٿي ويا آھن پر منھنجي جيجل امڙ تنھجي وڇوڙي کان پوءِ مون کان ڪائنات جي ھر شيءِ تان ارواح کڃي ويو آھي، منھنجي جيجل امڙ تو کان سواءِ ھي جھان اڌورو ٿو لڳي، ھر محبت ۾ اھا ميٺاڻ ناھي جيڪا تنھجي لفظن مان ملندو هو، سچ پڇين ته امان تنھنجي جھڻڪ ۾ جيڪا محبت ھئي اھا مون کي اڄ تائين محبت ڀريل لفظن مان به محسوس نٿي ٿئي، امان تو ته مون کي ويڳاڻو ڪري ھلي وئيءَ پر منھنجي جيون جا ڏينھن جيڪي مان تو کان سواءِ گذاري رهيو آھيان اھي ڪنھن اذيت کان گھٽ ناھن، ھر شام تنھجي ياد من مونجھارو پيدا ڪري ڇڏي ٿي. تو سوا ھي سنسار بيرنگ ٿو لڳي. اڄ جڏھن تو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ قلم کنيو ته لفظ مون کان رسي ويا ۽ ھر لفظ تنھجي قرب اڳيان ڦڪو پئجي ويو، لکڻ جو سوچيو ھئم پر ڪجھ به لکي نه سگهيس، تنھجي ڏنل قرب اڳيان ھر جملو ڌنڌلو محسوس ٿي رهيو آهي، ھن ڪائنات ۾ ڪي اھڙا لفظ ايجاد ئي ناھن ٿيا جن سان توھان کي ڀيٽا ڏيان. منھجي مٺڙي امان تون مون کان ھوا جي جھوٽي جيان اڏري وئين پر منھجي اندر جو حال ان جوڳي جيان آهي جيڪو در در ڀٽڪي به سڪون حاصل نٿو ڪري. مون کي به تو سوا ھڪ پل سڪون ناھي، ھر پل تنھجي تانگهه دل جي رڻ پٽ تي آهي، جتي صرف تنھنجي ياد جا ڪڪر ۽ طوفان اچن ٿا.

علي نواز هنڱورو/ شادي پلي

آپ وٽنري پروجيڪٽ مالوندن لاءِ لاڀائتو بڻيل!

  ڪنهن به اداري کي ھلائڻ وارو جيڪڏهن پنھنجي سچائي ۽ فرض شناسيءَ سان صحيح نموني ڪم ڪري ته ان اداري يا پراجيڪٽ مان ھيٺين سطح تي عوام کي صحيح نموني فائدو ملندو آھي ۽ عوام ان پروجيڪٽ مان مطمئن ٿي خوش نظر ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪو به ادارو پاڻ غلط يا خراب ناهي ھوندو پر ان جا سربراھ ئي صحيح يا غلط ھلائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آهن، ايئن ئي ضلعي نوشهروفيروز ۾ وٽنري کاتي ۾ آپ وٽنري لائيو اسٽاڪ پروجيڪٽ ڪم ڪري رهيو آهي، جنھن جو فوڪل پرسن وٽنري ڊاڪٽر عبدالمطلب سھتو پنھنجي پيشي سان سچائيءَ ۽ فرض شناسيءَ سان ھلائي ھيٺين سطح تي غريب مالوندن کي پراجيڪٽ تحت ملندڙ مفت دوائن جنھن ۾ نيراني واري دوا، ڊرينچ جيڪا جانور جي اندرئين توڙي ٻاھرئين جيوڙن کي ختم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ اھڙو ئي فرض شناس لائيو اسٽاڪ ۽ وٽنري تعلقي آفيسر سيد ظفر علي شاهه ۽ سينئر وٽنري ڊاڪٽر محمد قاسم فاضلاڻي پڻ پنھنجي پيشي سان سچا ھئڻ ڪري تعلقي ڪنڊيارو ۾ آپ وٽنري ۽ لائيو اسٽاڪ پراجيڪٽ جي سھڪار سان تعلقي جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شھرن ھڪ ڏينھن جي فري وٽنري ۽ لائيو اسٽاڪ ميڊيڪل ڪئمپ وارو عمل جاري آهي، جنهن سان غريب ٻھراڙيءَ توڙي شھري مالوندن جي واڙن وٿاڻن تي وڃي لائيو اسٽاڪ وٽنري ڊاڪٽرن جي ٽيم تعلقي وٽرنري آفيسر سيد ظفر علي شاهه ۽ سينئر وٽنري ڊاڪٽر محمد قاسم فاضلاڻي جي اڳواڻيءَ ۾ لائيو اسٽاڪ اسسٽنٽ ڊاڪٽر سيد راھب علي شاھ ڊاڪٽر عبدالغفور مڱريو تي ٻڌل ٽيم ڳوٺ ليٽڻ مڱريو، يوسي گھانگھرا ۾ ھڪ ڏينھن واري مفت وٽنري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي جنھن دوران وٽنري ڊاڪٽرن جي ٽيم گھر گھر وڃي غريب مالوندن جي چوپائي مال کي گھوگھي، مھاڙي ۽ ٻين بيمارين کان بچاءَ جا ٽڪا لڳايا ويا. جنھن دوران مالوندن معزز عبدالڪريم، غوث بخش، غلام سرور ۽ سماجي ورڪر فقير شريف مڱريو وٽنري ڊاڪٽرن جا ٿورا مڃيا، جڏھن ته تعلقي لائيو اسٽاڪ ۽ وٽرنري انچارج ڊاڪٽر سيد ظفر علي شاهه مالوندن کي صلاح ڏني ته سياري ۽ برساتي موسم ۾ پنھنجي چوپائي مال جو وڌ ۾ وڌ خيال رکو.

فقير شير محمد مڱريو/ڪنڊيارو

سنڌ جو ٽيون نمبر شهر بنيادي سهولتن کان محروم ڇو؟

  اوهان سڀني کي خبر هوندي ته هن وقت سکر سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو ۽ ڪاروباري لحاظ سان وڏي اهميت رکندڙ شهر آهي ۽ ڪيترائي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز توڙي وڏا وڏا آفيسر ان شهر سان تعلق رکن ٿا پر پوءِ به سکر بنيادي سهولتون کان محروم آهي ڇو ته ايڏي وڏي شهر ۾ نه ته پيئڻ جي پاڻي جي ڪا سهولت آهي نه گئس جي سهولت آهي ۽ نه ئي روڊ رستا ٺهرايا پيا وڃن. هونئن ته اسان جا چونڊيل نمائندا سکر شهر کي سنڌ جو پئرس سڏيندا آهن پر سواءِ ٻاهرين روڊ  ٺهرائڻ جي شهر ۾ ڪجهه به نه ڪرايو ويو آهي. توهان شهر جي اندروني علائقن ڏانهن نظر وجهو ته پراڻو سکر هجي يا قريشي ڳوٺ، نئوپنڊ هجي يا وسپور، نئون ڳوٺ هجي يا ٻيا علائقا سڀني ۾ گندگي جي ڍيرن سميت گٽرن جو گندو پاڻي پڻ گھٽين ۽ روڊن تي بيٺل آهي ۽ اتي هلندڙ ترقياتي ڪمن جو پڻ انتهائي خراب حال آهي جيڪي 2 سال گذري وڃڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيا آهن، جنهن سبب اتي موجود شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، شهرين پاران روزانون جي بنياد تي پريس ڪلب، چوڪن ۽ چوراهن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن پر انتظاميه اگهور ننڍ ستل آهي ۽ شهري عذاب ۾ ورتل آهن پوءِ به اسان جي سکر شهر جي معزز چونڊيل نمائندن ۽ اعليٰ آفيسرن کان مطالبو آهي ته سکر جي شهرين کي بنيادي سهولتن سميت شهر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن کي مڪمل ڪرايو وڃي جيئن شهري سک جو ساهه کڻي سگهن.

آصف علي عباسي/سکر

دنيا ۾ 2021ع دوران صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جو قتل!

  گڏيل قومن جي تازن انگن اکرن موجب گذريل سال 55 صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جو قتل ڪيو ويو، هڪ انگريزي رسالي جي رپورٽ موجب گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم يونيسڪو رپورٽ موجب عورت صحافين کي خاص طور تي خطرو آهي، جڏهن ته انهن کي آن لائين هيراسمنٽ جي وڌندڙ واقعن کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو آهي. رپورٽ موجب 1993ع کان هيل تائين سڄي دنيا ۾ هڪ هزار 490 صحافين کي قتل ڪيو ويو. جنهن ۾ برطانيا ۽ آمريڪا جهڙا ملڪ به شامل آهن. 2021ع جي سال ۾ پاڪستان ۾ 85، ڀارت ۾ 52، افغانستان ۾ 81 ۽ بنگلاديشن ۾ 24 صحافي قتل ڪيا ويا. يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل ازولي چيو ته 2021ع ۾ گهڻي قدر صحافين کي سچ سامهون آڻڻ جي قيمت ادا ڪرڻي پئي. صحافين جن کي آسڪر وائيلڊ جهڙي دانشور صحافت کي رياست جو چوٿون ٿنڀو قرار ڏنو هو. صحافت دراصل حقيقتن ۽ تحقيق کي تحريري انداز ۾ وڏي پئماني تي قارئين، ناظرين ۽ سامعين تي پهچائڻ جي عمل جو نالو آهي. جديد صحافت هاڻي اخبارن سان گڏ ٽيليويزن، ويڊيوز ۽ انٽرنيٽ ذريعي به دنيا کي ڄاڻ فراهم ڪري رهي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو صحافت ۽ صحافين لاءِ ڏينهون ڏنيهن ڏکيائيون به وڌي رهيون آهن. خاص طور تي ٽين دنيا ۽ آمراڻي طرز حڪمراني جي ملڪن ۾ اهو لاڙو تمام گهڻو آهي. ياد رکڻو پوندو ته صحافت ڪنهن به معاشري جو آئينو ٿيندي هوندي آهي، جنهن ۾ ڏسي پنهنجو پاڻ کي سنوارڻو پوندو آهي، پنهنجو عڪس پسند نه اچي ته آئيني کي ٽوڙڻ مسئلي جو حل ناهي هوندو پر بدصورتي ۾ اضافي جو باعث بڻجندو آهي. ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته ماڻهو سچائي سامهون آڻڻ لاءِ گهڻي محنت ڪندا آهن ته جيئن انهن لاءِ پنهنجو فرض بنا خوف ۽ خطري جي انجام ڏيڻ ممڪن ٿي سگهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

هڪ عظيم انسان جو وڇوڙو!

سنڌ اها واحد ڌرتي آھي جنهن تمام وڏن ولين، بزرگن، صوفين، عالمن ۽ وقت جي بهترين انسانن کي جنم ڏنو آھي، جن جي طرز زندگي رھڻي ڪهڻي ۽ اٿڻي ويهڻي جي ڪري تاريخ انهن جو نالو سونهري اکرن سان لکندي انهن عظيم انسانن مان هڪ سڄي ڄمار کلندي مرڪندي پنهنجي سهڻن اخلاقن جي ڪري پنهنجي دوستن، ڀائرن، مٽن مائٽن ۾ ھڪ اهڙو ته تصور ڇڏي ويو آھي. ان انسان جو نالو شھيد عدنان تنيو آھي. پنهنجي چھري تي هميشه مرڪ سجائي رکندڙ شھيد عدنان تنيو جو وڇوڙو هڪ اهڙو خال آھي جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. 25 سالن جو نوجوان شھيد عدنان تنيو جي 13 اپريل 2021ع تي شادي جي رسم ادا ڪئي وئي هئي، اڃا ته ان معصوم پوري طرح اهي زندگي جون خوشيون ئي نه ماڻيون هيون ته 13 ڊسمبر 2021 واري ڀيانڪ ڏهاڙي اسان کان اهو عظيم ۽ کلڻو انسان کسي ورتو جنهن لاءِ سموري سنڌ پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهي. جنازه نماز ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪري اهو ثابت ڪيو ته شھيد عدنان تنيو هڪ عظيم ڪردار جو مالڪ هو، هر وقت چھري تي مرڪ رکندڙ عدنان تنيو جو ڳوٺ ٿرڙي ھاشم جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو جنازو هو. اهو سڄو منظر ڏسي دل چئي پئي ته يقينن شهيد عدنان تنيو جي انتظار ۾ جنت الفردوس هوندي.

زبير احمد تنيو، بخشل خان خاصخيلي/ نصيرآباد، شهدادڪوٽ

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

                 رات جو دير تائين پنهنجي ناول رئيس تي ڪم ڪندو رهيس،، ناول جي هڪ ڪردار “حُسنا” جي باري ۾ صبح جو لائبريري ۾ دوستن پڇيو، مون انهن کي ٻڌايو ته ناول ڇپجڻ کان پهريان آئون ڪنهن کي ڪجھه به ڪونه ٻڌائيندس پر شبير ٻرڙو ضد تي اٽڪي پيو، ان لاءِ مون هُن کي ٻڌايو ته“حُسنا” گھر ويٺي ويٺي پوڙهي ٿي وڃ يٿي پر هُن جي شادي هُن جو پيءُ حاجي عارو ڪٿي به نٿو ڪري، هُن جا چار ڀائر آهن جيڪي پنهنجين پنهنجين گھر وارين سان ۽ ٻارن سان محبت ڪندي هُن کي نظر اچن ٿا ته هُن جو اندر ئي جليو ٿو وڃي. حُسنا به ڪنهن جي ٻانهن تي سمهڻ جي خواهش دل ۾ سانڍيو ويٺي هوندي آهي، هو به چاهيندي آهي ته هُن جا به ٻار هجن جن کي هو صبح جو تيار ڪري اسڪول روانو ڪري پر هوءَ هميشه لاءِ ان ڪوٽ ۾ قيد هوندي آهي جيڪو هُن جي پيءُ حاجي عارو قبرستان مٿان ٺهاريو هو، حاجي عارو حُسنه جي شادي ان ڊپ کان نٿو ڪري متان حُسنا جو به مڙس هُن جي بي ڌيءُ روشن جي مڙس جيان ڪنهن مظاهر ي۾ پاڻ ساڙي آپگھات نه ڪري ڇڏي، هو مهانگا مهانگا ڪپڙا ۽ زيور پائي شيشي جي سامهون بند ڪمري ۾ پنهنجي پاڻ سان مخاطب ٿيندي آهي يا زور زور سان ٽهڪ ڏئي شيشيم جي پلنگ تي ڍير ٿي ويندي آهي، ڊسمبر جي سخت سيءَ ۾ به هو پگھر ۾ شل هوندي آهي ۽ ڪوٽ جي گھاٽن وڻن مٿان چنڊ پنهنجي چانڊوڪيءَ وسائي رهيو هوندو آهي پر حُسنا ان کان بي پرواهه هوندي آهي. هينئر سڀ سمهڻ جي ڪوشش پيا ڪن پر دلدار وساڻ تيز آواز ۾ گانا ڳائي رهيو آهي. هو شايد جلال چانڊيو جي ڪاپي ڪري رهيو اهي جنهن جي ڪري سڀ حيران ۽ پريشان آهن خاص طور تي فهيم قريشي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (11 ڊسمبر 2021 رات جا 10:44 وڳا)

زندان جي جھروڪن مان!

  چوندا آهن ته قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي، اُهو صحيح به آهي پر آئون سمجھان ٿو ته قلم جيڪڏهن ناحق لاءِ کڄي ته  اهو تلوار کان به وڌيڪ تباهي آڻيندو آهي، بهرحال اهو طئي آهي ته تعليم، علم، نظرئي، سچائي ۽ انصاف کان سواءِ قلم هجي يا تلوار ٻئي تباهي ڦهلائيندا آهن. هر دور ۾ قلم جي اهميت کان طاقت کان ڪي ربه انڪار نٿو ڪري سگھي، ڇو جو قلم جي طاقت اڳيان هر دشمن ۽ قوت ناڪام ۽ زير ٿي ويندي آهي، مون ڏٺو آهي پر ان سان گڏوگڏ لکڻ به هڪ ڏانءُ آهي، اُن جي ڪري ڪي تحريرون پنهنجي انداز ۽ ڏانءَ جي ڪري هميشه ياد رهجي وينديون آهن، اڄ هميشه جيان ساهي وارن جي ڪلاس ۾ پنهنجي دوست حيدر کوسو، ڀاءُ عزيز گاڏهي، ممتاز هنڱورو، طارق عزيز تنيو ۽ ٻين سان گڏ ڪلاس ۾ موجود هئس ته اُتي ماسٽر دانش منهنجي پياري ڀاءُ حيدر  کوسي کي هڪ خط ڏنو، جيڪو حيدر کي سندس ننڍي ڀاءُ ذلفي ڳوٺان موڪليو هو، حيدر سنڌ جي تاريخ ۾ ڊگھي ترين عرصي تائين مسنگ پرسن رهڻ کان پوءِ ٻن سالن کان هتي جيل ۾ بغاوت جي پرچار ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيڪ ڪاٽي رهيو آهي. ڪلاس جي ختم ٿيڻ کان پوءِ مون حيدر کان خط بابت پڇيو ته هُن مون کي خط پڙهڻ لاءِ ڏنو، خط پڙهڻ بعد آئون سندس ڀاءُ ذلفي جي قابليت ۽ خيالن جو ديوانو بڻجي ويو آهيان، سندس خط جي خيالن مون کي ايترو ته متاثر ڪيو آهي جو ان کي آئون لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھان، خط پڙهڻ کان پوءِ آئون سمجھڻ لڳو آهيان ته قلم جي ذريعي جھڙيءَ طرح جذبن کي اظهاري سگھجي ٿو اُهو ٻئي ڪنهن طريقي سان ممڪن ناهي، خط جي آخر ۾ ذلفي ڀاءُ مشهور شاعر رزاق سومري جو هي شعر به واهه جو لکيو آهي:

عشق آ زهر چريا، ڪڙو به آ مٺو به آ،

نڀائين ته پوءِ اچ ڀلي، سولو به آ، ڏکيو به آ.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

قيديءَ جي ڊائري!

  صبح جو کولي نمبر 8 ۾ هڪ قيدي لالو چوهاڻکان هن جي ڀاءُ جي دعا گھرن لاءِ ويس، آصف ۽ غلام حسين به مون سان گڏ هئا، لال بخش ڏاڍو اُداس نظر آيو، جنهن کي سڀ قيدي آٿت ڏئي رهيا هئا، گذريل ٻن ڏينهن کان طبيعت گھڻي خراب هئي پر اڄ ڪجھه بهتر آهيان، اڄ لائبريري ۾ گھڻو ڪم هو ڇو جو گذريل ٽن ڏينهن کان اسان وڪيلن سان گڏ هئاسين. ڊسمبر جي اڄ آخري تاريخ آهي، هاڻ وري مون کي ڊسمبر جو پورو سال انتظار ڪرڻو پوندو، ڊسمبر عاشقن جو مهينو آهي، ڊسمبر الودائي مهينو آهي، آئون ڪنهن کي ياد ڪيان ٿو ۽ مون کي ايوب کوسي جا هي لفظ يا ٿا اچن.

ڊسمبر تو بنا ڪهڙو،

وفا جا ورق اڏرن ٿا،

اڌوري عاشقيءَ جھڙو

هجي ڄڻ ٻار جو لاشو،

وڇڙيل ڪونج لئه ڪاڇو،

اڪن تي رات اونداهي،

گٽر ۾ چنڊ جو پاڇو!

ڊسمبر تو بنا ڪهڙو

ڊسمبر بنا اهڙو،

رات جو دير تائين ڪچهريءَ جا مچ کوليءَ ۾ ٻاريون ويٺا هئاسين، هينئر سيءُ پنهنجي عروج تي آهي، سپاهي رحمٰن ٻاهر واڪ ڪري رهيو آهي، جنهن کي سيءَ جي ڪا پرواهه ناهي.

دلدار علي وساڻ/سينٽرل جيل حيدرآباد