پکو انڊس هاءِ وي تي ون ويلنگ دوران 5 نوجوان زخمي، انتظاميا غائب

0
302

پکو (ن پ ا) پکو جي چونڪ تي نوجوان پھچي موٽرسائيڪلن تي ون ويلنگ جو مظاھرو ڪندا رھيا. ون ويلنگ دوران انڊس ھاءِ وي تي عام ٽريفڪ ۽ مسافر گاڏين کي مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پيو. ريس دوران موٽرسائيڪلون ٽڪرائجڻ ۽ سلپ ٿيڻ سبب 5 نوجوان لاڙڪاڻو واسي نعمان عباسي، فرخ سومرو، جاويد، قمبر واسي اصغر گوپانگ ۽ مدثر ڳورڙ زخمي ٿي پيا، جن کي لاڙڪاڻو ۽ تعلقي اسپتال قمبر نيو ويو. ھلڪار ڊيوٽين تي موجود ھجڻ باوجود ون ويلنگ نه روڪرائي سگھيا. شھرين اعليٰ اختيارين کان گُھر ڪئي ته پکو شھر ۾ ٿيندڙ موتمار ون ويلنگ واري عمل کي روڪرائي مسافرن ۽ شھرين مان پريشاني ختم ڪئي وڃي.