پنجاب جا اسڪول هفتي لاءِ بند: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ شادي هالن ۽ هوٽلن تي سختي جو حڪم

0
416

ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ ۾ ڪورونا 57 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 3787 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 6.3، اسلام آباد ۾ 5، لاهور ۾ 9، راولپنڊي ۾ 10 ۽ حيدرآباد ۾ 11، پنجاب ۾ 6 ۽ بلوچستان ۾ 4.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 12 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1121 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته هن وقت 47962 مريضن جو علاج ٿي رهيو آهي، جن مان 47042 گھرن، 40 آئسوليشن سينٽرن ۽ 880 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، 784 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 66 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 492، حيدرآباد ۾ 118، ڄامشوري ۾ 66، ٽنڊي الهيار ۾ 45، ٿرپارڪر ۾ 35، ٺٽي ۾ 31، سانگھڙ ۾ 29، بدين ۽ مٽياري ۾ 27_27، نوشهري فيروز ۾ 26، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 23_23، عمرڪوٽ ۽ خيرپور ۾ 21_21، ڪشمور ۾ 20، سجاول ۾ 19، دادو ۾ 18، گھوٽڪي ۾ 17، ميرپورخاص ۽ شڪارپور ۾ 16_16، جيڪب آباد ۾ 10 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 6 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ٻئي پاسي سعودي عرب کان ڪراچي آيل 11 مسافر به ڪورونا جو شڪار ٿيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جو شڪار ٿيلن ۾ 7 مسافر سعودي عرب ۽ 4 پاڪستاني شهري آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي 7 شهرين کي پي اين شفا ۽ 4 پاڪستانين کي فاران هوٽل ۾ قرنطينه ڪيو ويو آهي.